اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ريلوي جي مسئلن جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ اعظم سواتي وزيراعظم کي ايم ايل ون تي اڳڀرائي، گذريل سال تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فريٽ آپريشنز ۾ سڀ کان وڌيڪ روينيو حاصل ڪرڻ ۽ پينشن فنڊ جي مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.