APP65-060721 ISLAMABAD: July 06 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing a press conference at PM Secretariat. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته لاهور بم ڌماڪي ۾ ملوث اهم ڏوهاري قانون جي پڪڙ ۾ آهن، ڪلڀوشن کانپوءِ هي ٻيو وڏو ثبوت آهي، بلوچستان ۾ ڀارت جي دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي ڪاميابي سان ٽوڙيو، بلوچستان جي انهن ناراض اڳواڻن سان ڳالهيون ٿينديون جن جو ڀارت سان رابطو نه آهي، 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري بدران سرپلس آهي، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪم ڪري رهيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، بئنڪون نجي شعبي کي رڪارڊ قرض فراهم ڪري رهيون آهن، ٽيڪس اوڳاڙيون 4.7 کرب رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي چڪيون آهن، جلد پاڪستاني عوام کي ننڍين گاڏين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي خوشخبري ڏينداسين، 15 جولاءِ تائين اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام تيار ڪيو ويندو، پيپلزپارٽي جا آزاد ڪشمير ۾ مجموعي طور تي 7 کان 8 اميدوار آهن، چونڊن ۾ شفافيت جي لاءِ مخالف ڌر کي سڌاراجاتي ايجنڊا تي ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون، اسڪردو ۽ گلگت ايئرپورٽس کي سگهه ڏيڻ جو مقصد انهن کي سال ۾ 12 مهينا کليل رکڻ آهي، ايئرپورٽس تي خدمتن جي فراهمي جو معاملو سول ايوي ايشن کان جدا ڪيو ويو آهي، ڪابينا سرڪاري نوڪرين جي لاءِ شفاف ٽيسٽنگ نظام جوڙڻ جي لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪابينا اڳوڻي فاٽا جي اي لسٽ ۾ شامل سمورن ضلعن ۾ ٿري جي ۽ فور جي جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، عالمي رسالي اڪانومسٽ پاڪستان کي ڪورونا جو مقابلو ڪندڙ بهترين ملڪ قرار ڏنو آهي. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جوهر ٽائون لاهور واقعي جي جاچ جي حوالي سان پنجاب سي ٽي ڊي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ سمورن آفيسرن، انٽيليجنس ادارن، پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي آفيسرن کي مبارڪباد ڏني وئي. هن چيو ته ان واقعي جا ڪجهه تفصيل ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سامهون ايندا. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو کانپوءِ هي ڀارت جو ٻيو وڏو نيٽ ورڪ هو، بلوچستان ۾ به ڀارت جي دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي ڪاميابي سان ٽوڙيو، جيڪي ماڻهو ان ۾ ملوث هئا ڪافي حد تائين گرفتار ٿي چڪا آهن، ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي اندر امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي گوادر جي دوري دوران بلوچستان جي ناراص بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين جو اشارو ڏنو هو، انهن ناراض بلوچ اڳواڻن سان ڳالهيون ٿينديون جن جو هندستان رابطو نه آهي، ان حوالي سان ڳالهين جي لاءِ باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، انشاءَ الله بلوچستان جلد امن جو گهوارو بڻجندو. هن چيو ته سي پيڪ جي ثمرن ۾ بلوچستان کي اهميت حاصل آهي، وزيراعظم جو گوادر جو دورو ان ڳالهه جي شهادت آهي ته اسان سي پيڪ کي ڪيتري اهميت ڏيون ٿا. هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن تي بريفنگ ڏني وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي تياري تي هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 15 جولاءِ تائين اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مڪمل طور تي تيار ڪئي ويندي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين ڪابينا جا 141 اجلاس ٿيا آهن جن ۾ 3776 فيصلا ڪيا ويا. انهن مان 3444 (91 سيڪڙو) تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي. 66 تي عملدرآمد جاري آهي، 123 تي عملدرآمد ۾ دير ٿي جڏهن ته 142 فيصلا مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن بابت آهن. هن ٻڌايو ته مختلف وزارتن بابت التوا هيٺ فيصلن بابت معاملن تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي اترين علائقن ۾ وڏي انگ ۾ سياح وڃي رهيا آهن، گلگت جي اڏامن ۾ ماڻهن کي وڌيڪ مسئلا پيش اچن ٿا ڇو ته اهو ايئرپورٽ سمورين موسمن جي لاءِ ڪارائتو نه آهي. هن چيو ته اسان اسڪردو کي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ٺاهي رهيا آهيون. اسان جي خواهش آهي ته اسڪردو ۽ گلگت بلتستان جي ايئرپورٽس کي سمورين موسمن جي لاءِ ڪارائتو بڻايو وڃي. وزيراعظم سول ايوي ايشن کي هداي ڪئي آهي ته هڪ منصوبو آندو وڃي جنهن ذريعي سياحت بابت انهن ايئرپورٽس کي سمورين موسمن جي لاءِ ڪارائتو ايئرپورٽس بڻائي سگهجي. ويراعظم هوابازي ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته معذور ماڻهن کي جهازن ۾ لاهڻ ۽ چاڙهڻ جي حوالي سان خاص انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتي جي لاءِ شفاف ۽ اعتماد جوڳي ٽيسٽنگ نظام آڻڻ جي حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ان حوالي سان نظام جلد جوڙيو وڃي. هن چيو ته جڏهن اسان نوڪرين ۾ ٽيسٽنگ سروسز شروع ڪئي ته ان ۾ ڪيتريون ئي ٽيسٽنگ سروسز معيار موجب نه هيون. ان جي ڪري شڪايت اچي رهي هئي ته ٽيسٽنگ سروسز ٺيڪ نه آهن. ڪابينا سرڪاري نوڪرين جي لاءِ شفاف ٽيسٽنگ نظام جوڙڻ جي لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. هن چيو ته ٽيسٽنگ سروسز ۾ ٽيڪنالاجي کي آڻڻ اهميت رکندڙ آهي، هڪ اهڙو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته ڪابينا سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ گرين ايرياز جي تحفظ ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ قبضن جي خاتمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وڃي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن جي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان معاملن جو جائزو وٺندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان حوالي سان نظام جو نئين سر جائزو ورتو وڃي. وزيراعظم چيو ته پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان سادگي جي شرعات هن پنهنجي ذات کان ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي ڪري عوام کي پهچندڙ ڏکيائي کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پنهنجون نجي ۽ سماجي مصروفيتون تقريبن ختم ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن سندس اچ وڃ گهٽ کان گهٽ ٿئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن وزيرن جي سيڪيورٽي ضرورتن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ انهن ضرورتن کي نظر ۾ رکندي انهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ انهي ڏس ۾ موبائيل اسڪواڊ کي گڏ هلڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم اها هدايت به ڪئي ته گاڏي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي نظام جو به نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان تفصيلي پاليسي پيش ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي آرڊيننس 2021ع ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي آرڊيننس 2021ع جي پڻ منظوري ڏني. انهن قانونن جو مقصد سول ايوي ايشن جي ريگيوليٽري ذميوارين ۽ ايئرپورٽس تي سروسز جي فراهمي جي شعبن کي جدا ڪرڻ آهي ته جيئن انهن ٻنهي شعبن جي بهتري کي يقيني بڻائي سگهجي. ان جي نتيجي ۾ ايئرپورٽس جي نظام ۾ ڪافي بهتري ايندي. هن ٻڌايو ته سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي حوالي سان 30 جون 2021ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال جي لاءِ آر ايس ايم اويس حيدر ۽ لياقت نعمان چارٽرڊ اڪائونٽنٽس کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اڳوڻن قبائلي علائقن (انضمام ٿيل علائقن) ۾ ٿري ۽ فور جي انٽرنيٽ جي سهولت جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته انهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري ان علائقي ۾ انٽرنيٽ جي جديد سهولتن جي فراهمي ۾ ڏکيائي ٿي جڏهن ته باجوڙ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي جي سهولت مارچ 2019ع ۽ جنوري 2021ع ۾ ترتيبوار بحال ڪئي وئي هئي. ٻين علائقن جي لاءِ به پي ٽي اي پاران هڪ شيڊيول مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسلام اباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل هڪ پٽيشن جي جواب ۾ عدالت آڏو به اهو شيڊيول پيش ڪيو ويو آهي. ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اڳوڻن قبائلي علائقن ۾ ٿري جي ۽ فور جي جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، ڪنهن به سيڪيورٽي جي صورتحال بابت فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن علائقن ۾ ٿري جي ۽ فور جي جي سهولت ڏيڻ انهن علائقن جي ماڻهن جو بنيادي حق آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا تجويز ڪيل اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري سيف سٽي اٿارٽي ايڪٽ 2021ع، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر ايڪٽ 2019ع، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري سيڪيورٽي آف ولنرايبل اسٽيبلشمنٽس ايڪٽ 2019ع، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري سائونڊ سسٽم (ريگيوليشن) ايڪٽ 2019ع ۽ تجويز ڪيل اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري انفارميشن آف ٽمپريري ريزيڊنٽس ايڪٽ 2019ع تي غور ڪندي ڪابينا جي قانونسازي بابت ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزير تجويز پيش ڪئي ته اسلام اباد جي مدرسن ۽ مسجدن جي امام ۽ عالم سڳورن کي به خيبرپخوتنخواهه جي طرز تي مشاهري ۽ انهن جي تربيت جو انتظام ڪيو وڃي. ڪابينا پيمرا ڪائونسل آف ڪمپلينٽس بلوچستان جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني. ڪابينا محترمه سحر زرين بنديال کي پيمرا ڪائونسل آف ڪمپلينٽس لاهور ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. پاڪستان جيم اينڊ جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني جي سي اي ايو جي مقرري جي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا ڪورونا ويڪسين convidecia جيڪا Cansino Biologies Inc China جي تيار ڪيل ويڪسين آهي، جي رينٽل پرائس 12168 (ٽي ڊوزز) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته منصوبابندي واري وزير ڪابينا کي ڪورونا وبا جي صورتحال خاص طور تي انڊين ويرينٽ جي پکرجڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪابينا اڪانومسٽ رپورٽ ۾ ڪورونا جي حوالي سان پاڪستان جيڪ اميابين جي اعتراف تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪوويڊ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي خدمتن کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن جي چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان ڪابينا هدايت ڪئي ته ان حوالي سان ٻيهر عمل شروع ڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا وفاقي حڪومت ۽ ان جي ادارن جي ملڪيت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ موجود زمين جي بهتر انتظام ۽ ان کي بهتر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان قانون جي اصولي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته پاڪستان شماريات بيورو ۾ ميمبر (سپورٽ سروسز) جي مقرري جي حوالي سان ڪابينا هدايت ڪئي آهي ته مقرري جو عمل ٻيهر ڪيو وڃي جنهن ۾ موجوده ميمبر به حصو وٺڻ جي اهل آهن. ان ۾ قانوني مسئلو اهو هو ته بيهر مقرري ٿيڻي آهي ۽ ٻيهر مقرري جي لاءِ اشتهار اچڻ ضروري هو. هن ٻڌايو ته ڪابينا توانائي بابت ڪابينا جي ڪميٽي جي 17 جون، 18 جون ۽ 24 جون جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا اداراجاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 17 جون 2021ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي وئي. ڪابينا بجيت جي تياري دوران ٽيرف جي ڏس ۾ ايندڙ بي قاعدگين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مختلف شين تي لاڳو ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي جي حوالي سان نيشنل ٽيرف پاليسي بورڊ جي فيصلن جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا مقامي طور تي تيار ٿيندڙ گاڏين (هزار سي سي ۽ گهٽ) تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جڏهن ته هزار سي سي کان مٿي جي گاڏين تي اي سي ڊي 7 کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني. آٽو انڊشتري جي حوالي سان باقي ٽن تجويزن تي فيصلا هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام کي آٽو پاليسي جي حوالي سان جلد خوشخبري ملندي، گاڏين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هن وقت جي 20 پاڪستان جو 1.121 ارب رپين جو ڊيٽ ري شيڊيول ڪري ڇڏيو آهي، هلندڙ مهيني 1.05 ارب ڊالر جو ڊيٽ ريليف ملڻ جي اميد آهي تنهن ڪري قرضن جي ري شيڊيولنگ ۾ 3.7 ارب ڊالر جو ريليف اسان کي ملندو. هن چيو ته پاڪستان شماريات بيورو جي تازي انڊيڪس ۾ اها ڳالهه خوش آئنده اهي ته پاڪستان ۾ قيمتن ۾ استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي، قيمتون هيٺ اچي رهيون آهن، پرائس انڊيڪس مستحڪم نظر اچڻ شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 24 جون 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا کي معاشي انگن اکرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته موجدوه حڪومت کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو (20 ارب ڊالر) ورثي ۾ مليو هو پر ٽن سالن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هاڻي اهي انگ اکر مثبت ٿي ويا آهن، اڄ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻرُي ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ هن وقت 100 سيڪڙو آرڊرز بڪ آهن، 2023ع تائين ان شعبي وٽ ان کان وڌيڪ مال تيار ڪرڻ جي گنجائش ئي نه آهي، ان سان اسان جي روانگي واپار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا به مستحڪم آهن، اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5.7 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 116 ارب رپين کان وڌيڪ قرض پرائيويٽ سيڪٽر کي ڏنو ويو آهي، اهو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر آهي، نجي شعبو ان مان فائدو کڻي رهيو آهي. 4.7 ٽريلين جون ٽيڪس اوڳاڙيون ٿيون جيڪي پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، ايندڙ سال اسان جو هدف ان کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي، اهو به پورو ٿيندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جا فيصلا هڪ شخص جا ناهن هوندا، سمورا ادارا ان ۾ شامل هوندا آهن، ان جو هڪ طريقيڪار موجود آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ ميرٽ جو مسئلو موجود آهي، ماضي ۾ ڪيترن ئي ادارن ڊيلي ويجز تي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو ۽ پوءِ انهن کي ئي ريگيولر ڪيو ويو ۽ پينشن ڏني وئي، سوين ماڻهو ميرٽ کانسواءِ ڀرتي ڪيا ويا. هن چيو ته سرڪاري نوڪرين جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي پاليسي تباهه آڻيندڙ آهي، سنڌ ۾ ميرٽ کي نظرانداز ڪري ڀرتيون ٿي رهيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ادارا ويهي رهيا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته افغانستان سان اسان جو 2700 ڪلوميٽر بارڊر آهي، 90 سيڪڙو علائقي تي خادار تار لڳائي ڇڏي آهي، ان جي اندر گيٽس ٺاهيا ويا آهن. ڪوشش آهي ته هتي پاسپورٽ ۽ ڪسٽم جو نظام آندو وڃي. هن چيو ته ان علائقي ۾ مختلف مشڪلاتون درپيش آهن، اتي ماڻهن جون مائٽيون آهن ماڻهن جا گهر آهن، هڪ فيملي پاڪستان ۽ ٻي افغانستان ۾ آهي، ان کي مئنيج ڪرڻ چئلينج هوندو. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته افغانستان جي اندر امن امان سان معاملا طئي ٿين. هڪ سوال تي هن چيو ته لاهور ڌماڪي جي حوالي سان اسان هڪ ڊوزيئر تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جيئن کي جاچ مڪمل ٿيندي اهو ڊوزيئر عالمي ادارن کي موڪليو ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم جڏهن پارليامينٽ ۾ خطاب ڪيو ته مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اها اچي ۽ ويهي ۽ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪري. مخالف ڌر اليڪشن کان اڳ سڌارن جي لاءِ تيار نه آهي ۽ هارائڻ کانپوءِ چيو وڃي ٿو ته ڌانڌلي ٿي. ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جا مجموعي طور تي 8 اميدوار آهن، جتي انهن وٽ اميدوار ئي نه آهن ته هارائڻو ته آهي ئي، انهي جي ڪري هينئر کان ئي انهن ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار اليڪشن کٽي ويو، ان کي پاڻ به يقين نه اچي رهيو آهي ته هو ايم اين اي بڻجي ويو آهي. هن چيو ته اسان هڪ اهڙو نظام آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم ڪري ۽ کٽيندڙ کي اطمينان هجي ته هو شفاف طريقي سان اليڪشن کٽيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي، اسان ان پاليسي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ان جا قدم نظر به اچي رهيا آهن.