اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي ”سي پي سي ۽ ورلڊ پوليٽيڪل پارٽيز سمٽ“ ۾ شرڪت ڪندو. ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ چين جي صدر شي جن پنگ ورچوئل سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. ورچوئل سربراهه اجلاس ۾ مختلف ملڪن مان 500 کان وڌيڪ سياسي پارٽين ۽ 10 هزار کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن ۽ نمائندن جي شرڪت جو امڪان آهي، سربراهه اجلاس ۾ 21 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا ۽ خيالن جو اظهار ڪندا. پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين، وزيراعظم عمران خان ورچوئل سمٽ ۾ اهم خطاب ڪندو. سمٽ جي پڄاڻي تي تجويزن تي ٻڌل گڏيل بيان جاري ڪيو ويندو.