پشاور – 03 جولاءِ (اي پي پي) صحت سهولت پروگرام خيبرپختونخواهه جهڙي هڪ ننڍي صوبي کي ڪئناڊا، آسٽريليا، جاپان ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 21 – 2020ع جي 7 مهينن دوران سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ پلس پروگرام تحت گهٽ ۾ گهٽ 250439 مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو جن ۾ اڪثر مريضن پنهنجي علاج جي لاءِ نجي اسپتالن کي ترجيح ڏني، لڳ ڀڳ 174388 ماڻهن نجي اسپتالن جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ رڳو 76052 مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو. حڪومت مختلف اسپتالن کي 7.2 ارب رپين جي رقم ادا ڪئي آهي. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه حڪومت گذريل مالي سال دوران اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 13.056 ملين رپين جي ادائيگي ڪئي آهي ۽ معاهدي تحت اها تنظيم 5.856 بلين رپين جي باقي رقم ادا ڪندي. هلندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي لاءِ خيبرپختونخواهه جي اٽڪل 7.49 ملين خاندانن جي لاءِ 23 بلين رپيا رکيا ويا آهن. جگر جي پيوندڪاري جي مفت علاج جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي باقي حصن جي برابر ڪرڻ جي لاءِ نئين ضم ٿيندڙ علائقن جي ماڻهن جي صحت جي ڪوريج کي 10 ملين مان وڌائي 72 ملين ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان صحت ڪارڊ کي تحريڪ انصاف جو هڪ اهم منصوبو قرار ڏيندي چيو ته ان سان نه رڳو ماڻهن کي مفت صحت جي سهولت مهيا ڪئي آهي پر صوبي ۾ غربت کي گهٽ ڪري ماڻهن جي زندگي جي معيار کي پڻ بهتر بڻايو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي جي عوام کي وڌ کان وڌ ممڪن سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت صوبي ۾ محدود پئماني ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي صحت ڪارڊ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو ۽ اسڪيم جي فائدن مان موجوده خيبرپختونخواهه حڪومت ان سهولت کي صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي تائين وڌائي ڇڏيو. سرڪاري انگن اکرن موجب خيبرپخوتنخواهه حڪومت ۾ صحت ڪارڊ پروگرام تحت پهرين فيبروري 2016ع کان 30 جون 2021ع تائين مجموعي طور تي 478973 مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو ۽ حڪومت سرڪاري ۽ نجي اسپتالن کي 1180723 ملين رپين جي ادائيگي ڪئي. لڳ ڀڳ 329821 مريض نجي اسپتالن جڏهن ته 149152 مريض علاج جي لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ ويا. نجي اسپتالن 8408 ملين رپيا جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ 338803 ملين رپيا چارج ڪيا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته خيبرپختونخواهه پنهنجي سمورن شهرين جي لاءِ مفت صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ 31 جنوري 2021ع تي پهريون صوبو بڻجي ويو ڇو ته هتان جي پوري آبادي ملڪ جي 500 سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ مفت علاج جي قابل هئي. صحت ڪارڊ جي انفراديت اها آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي سڄي ملڪ ۾ مفت علاج ڪرائي سگهجي ٿو. چٽاڀيٽي ٻولي لڳائڻ جي عمل کانپوءِ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي چونڊ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان 6 نومبر 2020ع تي مالاڪنڊ ڊويزن ۾ هيلٿ ڪيئر پروگرام جي پهرين مرحلي جو افتتاح ڪيو. پهرين مرحلي ۾ چترال، مالاڪنڊ، سوات، اپر دير ۽ لوئر دير جي 5 ضلعن جي هر خاندان کي ساليانو 10 لک رپين تائين مفت صحت جي سهولت ڏني وئي جڏهن ته نومبر 2020ع جي ٻئي مرحلي ۾ شانگلا، ڪوهستان، بٽگرام، مانسهره، تورغر ۽ ايبٽ آباد جي ضلعن کي صحت ڪارڊ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙي طرح جنوري 2021ع جي آخر تائين ٽئين مرحلي ۾ هري پور، بونير، صوابي، مردان، نوشهره، چارسده، پشاور، ڪوهاٽ، هنگو، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان کي صحت سهولت ڪارڊ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته صوبي جي پوري آبادي مفت صحت جي سهولتون حاصل ڪيون. سوات سان تعلق رکندڙ فرهاد جو چوڻ آهي ته اڄ غريبن جي لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ نجي اسپتالن جي برابر واري سهولتون ملي رهيون آهن جن جو سڄو ڪريڊٽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو، خيبرپختونخواهه جا مستقل رهائشي اسپتالن ۾ رڳو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري صحت جي مفت سهولتن مان فائدو کڻي رهيا آهن.
هڪ شهري فرهاد جو چوڻ آهي ته منهنجي ننڍي ڀيڻ بيمار هئي جڏهن اسان ان کي اسپتال کڻي وياسين ته رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ تي صحت انصاف ڪارڊ ذريعي اسان جو سڄو علاج بلڪل مفت ٿيو. سندس چوڻ آهي ته منهنجي ڀيڻ کي ٻن مهينن کان گلي ۾ تڪليف هئي جڏهن کيس اسان اسپتال کڻي وياسين ته پوري چيڪ اپ ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ٻڌايو ته توهان جي ڀيڻ کي ٽانسلز آهن ان جو آپريشن ڪرڻ ضروري آهي ته اسان ڊاڪٽر کان پڇيو ته توهان جي آپريشن فيس ڪيتري هوندي ته هن ٻڌايو ته توهان پنهنجي والد جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي ڇڏيو، ٿوري دير کانپوءِ ڊاڪٽر ٻڌايو ته توهان جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر جي داخلا اڳ ۾ صحت انصاف ڪارڊ ۾ ٿي چڪي آهي جنهن ۾ 10 لک رپين جا خرچ موجوده خيبرپختونخواهه حڪومت پورا ڪندي ۽ پي ٽي آءِ پاران ادائيگي ٿيندي جنهن جي ڪري منهنجي ڀيڻ جي ٽانسلز جو آپريشن بلڪل مفت ۾ ٿيو ۽ اسپتال پاران هڪ هفتي جون مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. هن چيو ته الله تعاليٰ وزيراعظم عمران خان کي ڪامياب ڪري ڇو ته ان جي ڪري ئي اسان جو خاندان ڪنهن غير ۽ ٻئي جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ کان بچي ويو. ڪرڪ سان تعلق رکندڙ عمر خطاب جو چوڻ آهي ته جنوري 2021ع دوران راولپنڊي ۾ مون کي دل جي تڪليف شروع ٿي جڏهن خبر پئي ته دل ۾ سوراخ آهي جنهن جي آپريشن ڪرڻ تي 5 لک جو خرچ ايندو ۽ آپريشن لازمي هو ته مون کي ڪنهن ٻڌايو ته پشاور ۾ دل جي مريضن جي اسپتال موجود آهي، پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ سرجن طارق وٽ ويس جنهن منهنجو صحت انصاف ڪارڊ ذريعي مفت علاج ڪرايو جڏهن ته مون وٽ ڪارڊ موجود نه هو ته اتان جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته سڃاڻپ ڪارڊ ئي توهان جو صحت انصاف ڪارڊ آهي. سوات سان تعلق رکندڙ عالم خان جو چوڻ آهي ته مون کي دل جي بيماري هئي منهنجو سيدو شريف اسپتال اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو ته اتي ڊاڪٽرن مون کي ٻڌايو ته توهان جو علاج پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ذريعي بلڪل مفت ٿي سگهي ٿو، اڄ انهي انسٽيٽيوٽ ۾ منهنجي هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي بلڪل مفت علاج ٿي رهيو آهي جڏهن ته آئون پرائيويٽ اسپتالن ۾ 4، 5 لک جي خرچ کان بچي ويس جيڪو رڳو صحت انصاف ڪارڊ جي ڪري ممڪن ٿيو. هن خيبرپختونخواهه جي عوام تي زور ڏنو ته سڃاڻپ ڪارڊ ئي توهان جو صحت انصاف ڪارڊ آهي ان سان توهان جو مفت علاج ٿيندو. هنگو جي رسول گل جو چوڻ آهي ته 15 مئي تي مون کي هارٽ اٽيڪ ٿيو مون کي ڪوهاٽ جي اسپتال آندو ويو جتان مون کي پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ريفر ڪيو ويو. هن چيو ته پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ مون وٽ صحت انصاف ڪارڊ نه هجڻ جي باوجود رڳو هڪ سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي منهنجو علاج ڪرايو ويو ڇو ته مون کي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته سڃاڻپ ڪارڊ ئي توهان جو صحت انصاف ڪارڊ آهي جنهن سان خيبرپختونخواهه حڪومت 10 لک رپين تائين جا خرچ برداشت ڪري رهي آهي. ايبٽ آباد سان تعلق رکندڙ چن زيب جو چوڻ آهي ته مون کي دل ۾ سخت قسم جي تڪليف شروع ٿي آئون ايبٽ آباد مان سڌو پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ پنهنجي علاج لاءِ آيس. هن چيو ته ماڻهو پنهنجي علاج جي لاءِ گهر، زيور ۽ ملڪيت وغيره وڪرو ڪن ٿا پر هتي حيرت انگيز طور تي منهنجي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي بلڪل مفت علاج ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ ئي منهنجو صحت انصاف ڪارڊ آهي جنهن سان منهنجي دل جو مفت علاج ٿي رهيو آهي. خيبرپختونخواهه جي صحت ۽ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا موجب ان پروگرام سان جتي شهرين کي بهترين طبي سهولتون ملنديون اتي انهن جي زندگي جو معيار پڻ بلند ٿيندو، عوام پنهنجي علاج تي خرچ ٿيندڙ رقم بچائي ٻين معاملن ۾ خرچ ڪري سگهندي. صحت سهولت پروگرام جي لانچنگ جي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي جڏهن ته شهرين جي دستاويزن جي حوالي سان نادرا سان پڻ صحت کاتي مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن.