
اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو اسلامو فوبيا جي روڪٿام ۽ نفرت انگيز تقرير جي حوصلا شڪني لاءِ سنجيده قدم کڻي ڇو ته ان سان معاشرن ۾ عدم برداشت ۽ نفرت کي فروغ ملي ٿو، ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ ظلمن کي عالمي سطح تي موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ ڀارت جي اصلي چهري کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي طرف ادا ڪيل ڪردار کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان کي 70 هزار کان وڌيڪ جانين سان گڏوگڏ 150 بلين ڊالر جو معاشي نقصان به برداشت ڪرڻو پيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته دنيا کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ گهرجي ڇو ته هن وڏين قربانين کانپوءِ دهشتگردي کي ڪاميابي سان شڪست ڏني، پاڪستان جي ان ڪاميابي کي دنيا جي سامهون صحيح طريقي سان پيش ڪرڻ گهرجي. صدر ڪووڊ – 19 جي ڪري اسرندڙ ملڪن کي معاشي، مالي ۽ صحت بابت درپيش بي مثال چئلينجن تي به روشني وڌي ۽ چيو ته ان صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان پاران وسيلن جي کوٽ جو شڪار ملڪن جي لاءِ قرضن ۾ رعايت بابت رليف جو مطالبو وقت سر قدم هو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي ۽ پاڪستان 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ تحت وڻ پوکڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر ٻڌايو ته دنيا هاڻي پاڪستان جي ان موقف کي تسليم ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ تڪرار صرف سياسي طريقي سان ئي حل ڪري سگهجن ٿا ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ افغان امن عمل ۾ سهولت جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي تي زور ڏنو ته هو سفارتڪارن سان ملاقاتن جي دوران ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڳنڀير صورتحال تي آواز اٿاري ۽ پاڪستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪري. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا ڀارت ۾ يورينيم جي غير قانوني واپار جي باري ۾ خاموشي اختيار ڪري رکي آهي، صدر ڪشمير مسئلي ۽ غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جي ڪردار کي ساراهيو.