APP46-020721 ISLAMABAD: July 02 - Minister of State for Information and Broadcasting, Farukh Habib addressing at the occasion of "International Sports Journalism Day" at Islamabad Tennis Complex. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ذريعي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين کي بااختيار بڻائڻ چاهيُون ٿا، جرنلسٽس ميڊيا پروٽيڪشن بل قومي اسيمبلي جي انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ آهي، بلاول ڀٽو جلد بل کي حتمي شڪل ڏي ته جيئن صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ملڪي روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي سرپلس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪس وصولين ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، راندين جي صحافين کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيون، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير صحافين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پرعزم آهي. هو ورلڊ اسپورٽس جرنلسٽس ڊي جي حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي جي معاملي تي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ تي يقين رکي ٿو، هن چيو ته عدالت نواز شريف کي اشتهاري ۽ مفرور قرار ڏئي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ نواز شريف جون سزائون به بحال ڪري چڪي آهي، نواز شريف هاڻي به ملڪ واپس نه آيو ته پوءِ سرٽيفائيڊ ڀڳوڙو هوندو. هن چيو ته ڪوشش آهي ته صحافين جا رهائشي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻون، صحافين کي صحت ڪارڊ پروگرام ۾ به شامل ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ برآمد ڪندڙن کي رڪارڊ ٽيڪس ريفنڊ ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان غريب طبقي کي صرف مالي امداد ئي نه پر انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واضح انداز ۾ قومي غيرت ۽ خودداري جو ڪيس پيش ڪيو، هن چيو ته شريف فيملي اقتدار ۾ ايندي آهي ته ڊڪندي ڀڄندي نظر ايندي آهي جڏهن ته عدالتن ۽ جيل ۾ بيمار بڻجي ويندي آهي.