اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي ۽ کيس گگلت بلتستان جي بجيٽ ۽ صحت، تعليم ۽ سياحت جي فروغ سميت کنيل ٻين قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي بجيٽ جي حوالي سان ٻڌايو. ان کانسواءِ گلگت بلتستان کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن، صحت ۽ تعليم جي سهولتن، احساس پروگرام سان سماجي تحفظ ۽ شاگردن کي اسڪالرشپ جي فراهمي تي به بريفنگ ڏني.