اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشهور فنڪار انور اقبال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ڊرامن ۾ انور اقبال جي يادگار ڪردار سندس مداحن جي ذهنن ۾ نقش آهي، هو پنهنجي منفرد انداز ۽ لفظن جي ادائيگي تي ڪمال جي مهارت رکندو هو. سندس لاڏاڻي سان جيڪو خال پيدا ٿيو اهو آساني سان نه ڀرجندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.