اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ شوڪت علي ڀٽي، غلام محمد لالي، ظهور حسين قريشي، محمد خان لغاري، آفتاب جهانگير، راجا رياض، طاهر اقبال ۽ محمد افضل خان ڍانڍله شامل هئا، ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ ميمبرن بجيٽ جي عوامي پذيرائي بابت آگاهه ڪيو، ان کانسواءِ شوڪت علي ڀٽي وزيراعظم کي ايگريڪلچرل ٽرانفارميشن پلان تحت حافظ آباد ۾ چانورن جي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگارن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو.