
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ هلندڙ سال سڀني فصلن جي رڪارڊ پيداوار ۽ ايندڙ فصلن جي حوالي سان حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پهرين جولاءِ تي اسلام آباد ۾ آبادگار ڪنوينشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته آبادگارن کي ريليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. ٺوس حڪمت عملي سان زراعت جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون.