اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن ۽ سمورن اتحادين جا ٿورائتا آهيون جن عوامي بجيٽ کي اڪثريت سان پاس ڪيو، مخالف ڌر جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بجيٽ پاس نه ٿيڻ جي دعويدار مخالف ڌر جا پنهنجا ميمبر اسيمبلي مان غيرحاضر هئا انهن جي مزاحمت ۽ مخالفت جي ڦوڪڻي مان نڪري وئي آهي.