اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت وزيراعظم جي هدايتن موجب ميڊيا جي ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جي ادائيگي مڪمل ڪري ورتي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهي رهتُون هڪ ڊگهي عرصي کان ادا نه ڪيون ويون هيون، انهن ادائيگين سان ميڊيا ورڪرز جي مالي مسئلن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ادارن کي تحفظ مليو آهي، هاڻي به ادارا جيڪڏهن پگهار نٿا ڏين ته اها زيادتي آهي.