اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته قوم جي لاءِ شهادت ماڻيندڙ قوم جا محسن آهن. ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اهي ايف سي اهلڪار افغانستان پاران دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيا. ايف سي اهلڪار 5 مئي تي منزڪئي سيڪٽر، زوب، بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ ۾ مصروف هئا. صدر حوالدار نور ۽ سپاهي محمد شڪيل جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. صدر عارف علوي سپاهي قربان علي، غفران علي ۽ احسان جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم جي لاءِ شهادت مانيندڙ قوم جا محسن آهن.