اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سواءِ مخالف ڌر جي ملڪ ۾ رهندڙ هر طبقي مالي سال 22 – 2021ع کي عوام، ڪاروبار دوست ۽ متوازن بجيٽ قرار ڏنو آهي، بلاول ۽ شهباز شريف پنهنجي قيادت ۾ بجيٽ تقرير دوران هنگامو ۽ گوڙ ڪرائيندا رهيا، انتهائي اهم موقعي تي عوام جي بهتري ۽ ملڪ جي ترقي جي حوالي سان بجيٽ جو هڪ لفظ به نه ٻڌو، هاڻي هوا ۾ تير نه هلائين، مزدورن، پگهادار طبقي، صنعتڪارن، آبادگارن سڀني ان کي ساراهيو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن تحت هر خاندان کي ڪاروبار جي لاءِ 5 لک بنا وياج جي قرض ڏنو ويو، آبادگار کي هر فصل جي لاءِ بنا وياج جي 1.5 لک، مشينري 2 لک قرض بنا وياج جي ڏنو ويندو.