APP48-230421 KARACHI: April 23 - Governor Sindh Imran Ismail called on President Dr. Arif Alvi at Governor House. APP Photo by Abbas Mehdi

ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي لاءِ وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي امن امان، عوامي ڀلائي جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن سميت صوبي جي مجموعي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني سياسي نمائندن کي ذميداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.