اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد وزيراعظم پاران عوام جي سڌوسنئون ٽيليفون ڪالز ٻڌڻ جي پروگرام ۾ ڪوآرڊينيٽر جا فرض سرانجام ڏنا. پروگرام شروع ٿيڻ تي هن عوام کي چيو ته اهي ڏنل ٽيليفون نمبر تي ڪال ڪري وزيراعظم سان سڌوسنئون ڳالهائي سگهن ٿا. هن چيو ته عوام پنهنجو ڪو به مسئلو وزيراعظم آڏو رکي سگهي ٿي ۽ بنا ڪنهن سياسي فرق جي ڪو به شهري وزيراعظم کي ڪال ڪري سگهي ٿو.