اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام سان واعدو ڪيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران يوٽيلٽي اسٽورز تي ضرورت جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ رمضان بازارن ذريعي پڻ عوام کي گهٽ قيمتن تي ضرورت جون شيون فراهم ڪيون وينديون. جهنگ مان هڪ شهري جي يوٽيلٽي اسٽورز تي ضرورت جي شين جي فراهمي بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي رمضان المبارڪ دوران ضرورت جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن عوام کي سستي اگهن تي اٽو، گيهه، کنڊ ۽ ٻيون ضرورت جون شيون ملي سگهن.