رپورٽ: صنم جوڻيجو /عدنان کوکر

سياحت انساني فطرت جي عين موجب ۽ علم ۽ فضل کي سگهه ڏيڻ جو سبب آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سياحت جي فروغ ۽ ان کي مستحڪم بنياد تي منظم ڪري پنهنجي معيشت کي سگهه ڏني ۽ سياحت جي زور تي اربين ڊالر ساليانو مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ڪري رهيا آهن. سياحت بابت مليل تازن انگن اکرن موجب سپر پاور آمريڪا سياحت جي معاملي ۾ به پنهنجي هڪ هٺي قائم ڪري رکي آهي ۽ سياحت مان اندازي موجب ساليانو 2 کرب ڊالر ڪمائي سان گڏ سرفهرست آهي. جيتوڻيڪ اها آمدني ان جي مجموعي جي ڊي پي جو رڳو هڪ سيڪڙو آهي جڏهن ته مالديپ رڳو 2.7 ارب ڊالر ساليانو سياحت مان ڪمائي ٿو پر اهو ان جي ڪل آمدني جو 60 سيڪڙو آهي. تنهن ڪري سياحت جي آمدني مان ئي ملڪ جو خرچ هلي رهيو آهي. آمريڪا کانپوءِ اسپين ۽ فرانس سياحت مان ڪمائي ۾ ترتيبوار ٻئي نمبر ۽ ٽئين نمبر تي آهن.

سياحت بنا ڪنهن شڪ جي روينيو ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي ۽ ان شعبي کي لاڳيتو فروغ ڏنو وڃي ته ڪا به رياست معاشي طور تي سپر پاور بڻجي سگهي ٿي. پنهنجي من موهيندڙ سياحتي موقعن جي باوجود پاڪستان ان ڊوڙ ۾ اڃا تمام گهڻو پٺتي آهي ۽ ملڪ جي مجموعي جي ڊي پي ۾ سياحت مان آمدني جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي.

پاڪستان ۾ عام طور ۽ پنجاب ۾ خاص طور تي سياحت کي عروج تائين وٺي وڃڻ جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ سياحن جي لاءِ هر قسم جون سهولتون پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو آهي ۽ پنجاب، گلگت بلتستان، بلوچستان، خيبرپختونخواهه سميت پوري ملڪ ۾ سياحن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل من موهيندڙ سياحتي ماڳ ۽ ملڪي سياحتي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان ڪجهه مهينا اڳ هڪ وڏو فيصلو ڪيو ۽ سياحت جي حوالي سان حڪومتي ترجيحن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سياحت بابت اعليٰ سطحي قومي رابطا ڪميٽي جوڙي. وفاقي ۽ صوبائي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جي ذميوارين ۾ قومي سياحتي حڪمت عملي تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ ۽ صوبائي ۽ علائقائي سطح تي مختلف قدمن کي قومي حڪمت عملي سان هم آهنگ ڪرڻ شامل آهي.

وزيراعظم جي انهي ويزن کي پنجاب ۾ به اڳتي وڌايو پيو وڃي جيڪو سياحت جي حوالي سان دلڪش ميداني، جابلو ۽ وارياسي علائقن سان مالا مال آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي هدايت تي سياحت جو صوبائي کاتو سياحتي ماڳن جي مشهوري ۽ ترقي جي لاءِ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ڪجهه سال اڳ تائين پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان سير ۽ سياحت جي ڳالهه پڇي وڃي ته انهن جي ذهن ۾ رڳو جابلو علائقا ئي ايندا هئا پر هاڻي سياحت پهاڙن کانسواءِ ميداني علائقن ۽ صحرائن ۾ به موٽي آئي آهي جنهن جو ڪريڊٽ صوبائي حڪومت، سياحت کاتي ۽ ان جي ذيلي ادارن ڏانهن وڃي ٿو. ياد رهي ته پنجاب ۾ اڳ ۾ سياحت جو شعبو اسپورٽس سان واڳيل هو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي موجوده حڪومت ان شعبي جي ترقي جي لاءِ اپريل 2020ع کان ان کي هڪ جدا کاتو بڻائي ڇڏيو آهي. ان جا 2 شعبا ٺاهيا ويا جن ۾ ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن آف پنجاب (ٽي ڊي سي پي)، آرڪيالوجي ڊائريڪٽوريٽ ۽ ٽوئرسٽ سروسز شامل آهن. صوبن ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ڪيتريون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته مستقبل جي لاءِ ڪجهه اهڙا منصوبا جوڙيا آهن جن تي جيڪڏهن بنا رڪاوٽ عملدرآمد ٿي ويو ته سياحت جي شعبي ۾ انقلاب ممڪن ٿيندو.

ٽي ڊي سي پي ڪيتريون ئي اهڙيون جايون جيڪي مشهور نه هيون انهن کي نه رڳو دلڪش سياحتي مرڪزن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو پر سياحتي پاليسي تحت بنا ڪنهن فرق جي 8 نئين سياحتي جاين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ انهن جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ۽ ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪئي وئي آهي. انهن ۾ ڪوٽلي ستيان، چڪوال، خوشاب، ڪوهه سليمان، فورٽ منرو ۽ ڪالاباغ ميانوالي تي ترقياتي ڪم شروع ٿي چڪا آهن. موجوده مالي سال ۾ ان جي پڄاڻي متوقع آهي. ان کانسواءِ مذهبي سياحت ۽ تاريخي سياحت جي رجحانن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي.

سياحت، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري سيڪريٽري احسان ڀٽا ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي قيادت ۾ موجوده حڪومت سياحت جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، سياحت جي بهتري جي لاءِ جيترا قدم موجوده حڪومت کنيا آهن ان کان اڳ ڪنهن به حڪومت ناهن کنيا، وزيراعظم جي ويزن ۽ وڏي وزير جي هدايتن جي روشني ۾ ان جي اداري پنجاب جي پهرين سياحتي پاليسي منظور ڪرائي جنهن تي عملدرآمد به شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته هن وقت پنجاب ۾ سياحت جي شعبي کي هڪ منافعو ڏيندڙ ۽ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ موقعن ۽ صلاحيت رکندڙ شعبو تسليم ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي لاءِ عملي قدمن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسان ڀٽا ٻڌايو ته عالمي بئنڪ جي منصوبي پنجاب ٽوئرازم فار اڪنامڪ گروٿ پراجيڪٽ تحت پرڏيهي ناڻي ۾ اضافي جي لاءِ سياحتي مرڪز ٺاهيا پيا وڃن، سياحت ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، شالامار باغ، شاهي قلعو، روهتاس قلعو، ٽيڪسلا جو عجائب گهر يونيسڪو جي فهرست ۾ شامل آهن، انهن جي بحالي جو ڪم جاري آهي. مري ۾ سياحن جي رش وڌيڪ هجڻ جي ڪري ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن مسئلن کي ڪنهن حد تائين گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوٽلي ستيان جنهن کي نڙڪهوٽه به چيو وڃي ٿو ان ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪري ۽ هڪ روڊ ٺاهي سياحتي مقام ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڊي جي خان ۾ ڪوهه سليمان جي علائقي فورٽ منرو جي جابلو علائقن، خوشاب جي اندر سون ويلي کي سياحن جي لاءِ پرڪشش مقام بڻائڻ جي لاءِ ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن ته جيئن ڏکڻ پنجاب جي حسين ماڳن کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي.

هن چيو ته صوبي ۾ مذهبي سياحت جي فروغ جي لاءِ به ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، اوقاف کاتي سان گڏجي مذهبي سياحت جي فروغ جي لاءِ ننڪانه صاحب، مانوالا، ڪوٽ مٺن ۽ مريم آباد ۾ 6 روڊ ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن ماڻهن کي انهن مذهبي جاين تي آساني سان پهچ حاصل ٿئي.

هن چيو ته پنجاب جي اصل سڃاڻپ ان جو ثقافتي ورثو آهي. آرڪيالوجي ڊائريڪٽوريٽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي ۽ ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ جي لاءِ 13 مختلف ثقافتي جاين جن ۾ هرن مينار، شالامار باغ، جهانگير جو مقبرو، نورجهان جو مقبرو، هڙپه، ٽيڪسلا جو عجائب گهر ۽ مغل گارڊن شامل آهن، انهن ۾ ايلومينيشن جو منصوبو شروع ڪيو آهي. سياحت واري سيڪريٽري چيو ته پي ايڇ اي سان گڏجي سمورين سياحتي جاين تي هارٽيڪلچر کي فروغ ڏنو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي خوبصورت جايون ميسر اچن ۽ انهن کي تفريح جو سامان مهيا ڪري سگهجي.

هن چيو ته ٽوئرسٽ سروسز، ٽريولز ايجنسي ۽ هوٽلز جي رجسٽريشن جي لاءِ آن لائين سروسز فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪري ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گهر ويهي آن لائين رجسٽريشن ڪرائي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته منهنجي خواهش آهي ته پنجاب سياحت جي شعبي ۾ قائداڻو ڪردار رکندڙ صوبو بڻجي وڃي. اداري جيڪي ان راهه ۾ سنگ ميل عبور ڪيا آهن انهن جو ذڪر ڪرڻ اجايو نه هوندو. صوبي ۾ سياحت جي مجموعي طور تي 128 اسڪيمن جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم جاري آهي جن مان 12 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن. ٽيڪسلا ۽ هڙپه ۾ عجائب گهرن سان ڳنڍيل آڊيٽوريم تعمير ڪيا ويا آهن. گجرات ميوزيم ۽ ڪلرڪهار ميوزيم جو رنگ روغن ڪيو ويو آهي. ڄام پور ڊي جي خان ۾ کوٽائي سان ٻڌمت تهذيب جا آثار ۽ قيمتي نوادرات دريافت ڪيون ويون آهن.

ٽي ڊي سي پي جي ايم ڊي محمد تنوير جبار پڻ ان ڏس ۾ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪارپوريشن ۾ سٺي ٽيم جوڙي ته جيئن سياحت کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پرائيويٽ سيڪٽر سان ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن جن ۾ آن لائين بڪنگ ۽ ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جون سهولتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ٽي ڊي سي پي جي اثاثن جي سٺي ساک جي ڪمپنين کي ڊگهي مدي تي ليز ڏيڻ شامل آهي. ان جو مقصد معياري سهولتن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري آهي. سياحت بابت جديد ڪورسز آن لائين ڪرايا پيا وڃن ۽ سڄي ملڪ جي هزارين نوجوانن کي سياحت بابت مختلف ڊسپلين جي تعليم ڏني پئي وڃي. سياحتي جاين تي ڪمپيوٽرائزڊ ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن جنهن سان اداري جي آمدني ۾ ذڪر جوڳو اضافو ٿيو آهي. عوام جي دلچسپي ۽ سير ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ڪيتريون ئي تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون.

ملڪه ڪوهسار مري کي ملڪ جي صحت بخش سياحتي جاين ۾ نمايان حيثيت حاصل آهي ۽ سياح ان جي قدرتي حسن جا ديوانا آهن. مري ۾ سياحن جي تمام گهڻي رش کي نظر ۾ رکندي ان جي ڀرپاسي وارن علائقن کي سياحتي جاين طور فروغ ڏيڻ جي لاءِ وقت بوقت قدم کنيا ويا. پترياٽه جو سياحتي مقام انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي جتي چيئر لفٽ پترياٽه مرڪز کي سياحن جي سهولت لاءِ فعال انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، چيئر لفٽ ۽ ڪيبل ڪار اداري لاءِ مناسب روينيو پيدا ڪري رهيا آهن. سياح هتان جي چيئر لفٽ، ڪيبل ڪار ۽ سفاري ٽرين ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن.

صوبي جو وارياسو علائقو چولستان پنهنجي دلڪشي، وسعت، منفرد حيثيت جي ڪري سياحن جي لاءِ خاص دلچسپي رکي ٿو. ان علائقي ۾ ٽي ڊي سي پي جي هڪ نمايان ترين ڪاميابي عالمي شهرت يافته چولستان جيپ ريلي جو انعقاد آهي جيڪا گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنجاب جي ٽوئرازم کاتي جي ڪوششن سان ڪاميابي سان جاري آهي. ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ مان سوين  شوقين ان ريلي ۾ حصو وٺڻ ۽ ان کي ڏسڻ جي لاءِ بهاولپور جي نخلستان پهچن ٿا. ان سان گڏوگڏ دراوڙ جو قلعو به رنگ رنگ ايونٽ سان رونق ڀريو ۽ زندگي سان ڀرپور ٿي وڃي ٿو. ماهر ڊرائيورن جن ۾ گذريل ٻن سالن کان عورتن جي به شموليت ڏسڻ لاءِ ملي رهي آهي، ديو هيڪل گاڏين کي جڏهن واريءَ تي ڊوڙائين ٿيون، ته ان جي مهارت سان ڏسندڙ لطف اندوز ٿين ٿا. اهو تهوار چولستان جي رهواسين جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن ۽ سياحن جي اچڻ جي موقعي تي مقامي مصنوعات، روايتي کاڌن ۽ علائقائي لباسن جا اسٽال لڳايا وڃن ٿا جيڪو مقامي ماڻهن جي لاءِ ڪمائي جو وڏو ذريعو هوندو آهي.

 

سياحتي جاين تائين عوام جي آسان پهچ لاءِ رابطا رستن جي تعمير ۽ انهن جو معيار بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ سياحن کي ٽرانسپورٽ سميت جديد ۽ بهتر سهولتون ڏيڻ تي به ڌيان ڏنو ويو آهي. لاهور کانپوءِ راولپنڊي/ اسلام آباد ۾ ڊبل ڊيڪر بسون شروع ڪيون ويون ۽ ايندڙ مرحلي ۾ بهاولپور ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلڻ شروع ٿي وينديون. ان سان نه رڳو سياحن جي لاءِ آساني ٿيندي پر پرڪشش سياحتي جاين طرف متوجهه ۾ پڻ مدد ملندي.

ريسٽ هائوسز جيڪي ڪڏهن عوام جي لاءِ هڪ خواب هو پر پنجاب حڪومت جي هدايت تي سياحت کاتي سڄي صوبي ۾ 179 ريسٽ هائوسز کي عوام جي لاءِ کولي ڇڏيو آهي. انهن ۾ مري جو گورنمينٽ هائوس پڻ شامل آهي. شهري آن لائين بڪنگ ڪرائي انهن ريسٽ هائوسز مان گهٽ اگهن تي فائدو کڻي سگهن ٿا جڏهن ته ٽوئرسٽ سروسز جي شعبي نئين هوٽل ۽ ريزارٽس جي رجسٽريشن تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي جنهن جي لاءِ 6 سپروائيزرز ڪم ڪري رهيا آهن. ملتان، فيصل آباد ۽ راولپنڊي ۾ ان مقصد جي لاءِ ٽي ريجنل آفيسون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ هوٽلز، ريسٽورنٽس ۽ ريزارٽس جي آن لائين رجسٽريشن جي لاءِ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. سڄي پنجاب جي تاريخي ۽ سياحتي جاين جي فهرست، تصويرن، وڊيوز، ڊاڪيومينٽريز ۽ تفصيلن کي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ماڻهو هاڻي انٽرنيٽ  ذريعي پهچ حاصل ڪري پنهنجو ٽوئر ٺاهي سگهن ٿا.

اميد ڪئي وڃي ٿي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل حڪمت عملي جي ڪري پنجاب ۾ ملڪه ڪوهسار مري کان وٺي چولستان ۽ فورٽ منرو تائين پکڙيل رنگا رنگ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي سياحتي جاين جي فروغ ۽ سياحن کي بهتر سهولتن جي فراهمي سان ماڻهن کي تفريح جو سامان ميسر اچڻ سان گڏوگڏ قومي معيشت کي به سگهه ملندي.