اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان ڪڻڪ، کند جهڙين بنيادي ضرورت جي شين جي ڪاٿي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ان حوالي سان اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻائي سگهجي، سمورا چيف سيڪريٽريز پرائس لسٽ تي عملدرامد کي يقيني بڻائين ۽ ان حوالي سان انتظاميا جو متحرڪ ۽ فعال ڪردار يقيني بڻايو وڃي، غفلت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ايڪشن کنيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير ڪنزيومر پرائس انڊيڪس جي حوالي سان ٻڌايو ته سالياني بنيادن جي تقابلي جائزي جي بنياد تي جنوري ۾ سي پي آئي 5.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل سال 14.6 سيڪڙو هو. اهڙي طرح جولاءِ کان جنوري تائين سي پي آئي 8.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل سال انهن مهينن (جولاءِ کان جنوري) 11.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو هو. انهن انگن اکرن موجب سي پي آئي ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته کنڊ، بيضن، بصر وغيره جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته اٽي جي قيمت ۾ استحڪام ڏسڻ ۾ آيو آهي. اجلاس کي حڪومت پاران سرڪاري ڪڻڪ جي ريليز جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.