اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهري جي ڪاٺيون کڻي وڃڻ جي لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ جي تجويز تي وزيراعظم عمران خان وقت سر ايڪشن کڻندي ڪلهن تي ڪاٺيون کڻندڙ عورتن ۽ بزرگ شهرين جي لاءِ ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ريڊ زون ويجهو ڪچي بستين ۾ رهندڙ غريب رهواسين لاءِ فوري سهولتن ۽ ڪاٺيون کڻندڙن جي لاءِ ٽرانسپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم جي هدايتن موجب سي ڊي اي ڪچي بستين ۾ رهندڙ غريب رهواسين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام ڪندي. ٽرانسپورٽ جي سهولت بلڪل مفت فراهم ڪئي ويندي. سهولت سان عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي مسلم ڪالوني تائين پهچ هوندي. وزيراعظم جي خصوصي هدايتن تي سي ڊي اي فوري ايڪشن کڻندي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.