
اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسينيشن مهم جي باضابطا شروعات ڪري ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ پوءِ وڏي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائي ويندي، وزيراعظم چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي صوبن ۾ برابر ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو ويندو، معاشي سرگرمين سان گڏ تعليمي ادارا به کلي ويا آهن، ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، وبا کان بچاءُ جي لاءِ عوام کي ماسڪ جو استعمال ۽ حفاظتي قدمن تي عمل ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ويڪسينيشن مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو صحت وارو خاص معاون فيصل سلطان ۽ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته ويڪسين جون 5 لک خوراڪ فراهم ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ تيزي سان ڪم ڪرڻ تي پنهنجي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. سڀ کان اڳ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ويڪسين فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ڪورونا جي مريضن جي سارسنڀال ۽ علاج ڪن ٿا، ان کانپوءِ وڏي عمر جي ماڻهن جن جي ڪورونا کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي انهن کي ويڪسين ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته سمورن صوبن ۾ ڪورونا جي برابر ۽ منصفاڻي ورڇ ٿيندي ته جئين ڪير اهو نه سمجهي ته اسان وٽ ويڪسين جون جيڪي 5 لک خوراڪ آيون آهن اهي ڪنهن هڪ صوبي ۾ وڌيڪ ورهايون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته هيلٿ ورڪرز جي لاءِ ويڪسين لڳائڻ تمام ضروري آهي ڇو ته سڄي دنيا ۾ جن کي سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي اهي هيلٿ ورڪرز جي لاءِ آهي، عوام کي گهرجي ته اها احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ۽ خاص طور تي ماسڪ جو استعمال ڪن.