APP54-10 ISLAMABAD: September 10 – Prime Minister’s Special Envoy for Afghanistan Sadiq Khan and Pakistan’s Ambassador-designate to Afghanistan Mansoor Ahmed Khan called on Speaker National Assembly Asad Qaiser. APP

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپن تي يقين رکي ٿو، افغانستان ۽ آذربائيجان ڀائر اسلامي ملڪ آهن ۽ انهن سان دوستاڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل اقتصادي مفادن تي ٻڌل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۽ آذربائيجان لاءِ نامزد سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير منصور احمد خان سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جا افعانستان سان تاريخي دوستاڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته افغانستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.