شهزاد چوڌري، امتياز احمد
ترجمو: صنم جوڻيجو
احساس پروگرام ۾ غربت گهٽايو، معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ۽ انهن کي مالي طور تي خوشحال بڻائڻ لاءِ شروع ڪيو ويو، هينئر تائين جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، گذريل 72 سالن ۾ ايترو وسيع النبياد ۽ وڏي بجيٽ جو عوامي ڀلائي ۽ غربت گهٽايو جو پروگرام ان کان اڳ ڪنهن به حڪومت جاري نه ڪيو. وزيراعظم عمران خان شروع کان ئي غربت جي خاتمي، معاشري جي غريب طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ، تعليم جي فروغ ۽ انساني ۽ قدرتي وسيلن جي بهتر استعمال تي زور ڏئي رهيو آهي ۽ اهي نقطا پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو به اهم حصو آهن. وزيراعظم عمران خان غربت جي خاتمي معاشري جي ڪمزور طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ، تعليم جي فروغ، انساني ۽ قدرتي وسيلن جي بهتر استعمال جي لاءِ پاليسي سازي تي ڌيان ڏنو ۽ هن اهم ايجنڊا جي پڄاڻي لاءِ هن 27 مارچ 2019ع تي احساس پروگرام جاري ڪيو، وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار چين جو مثال ڏيندو رهيو ته ڪهڙي طرح چين غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذريندڙ تقريبن 70 ڪروڙ آبادي کي غربت مان ڪڍيو جنهن سان چين ترقي جي راهه تي گامزن ٿي دنيا جي سڀ کان وڏي معاشي طاقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي، ان سوچ کي نظر ۾ رکندي هن احساس جهڙو گهڻ رخو پروگرام شروع ڪيو ته جيئن غريبن خاص طور تي عورتن کي غربت مان ڪڍيو وڃي، غريب طبقن جي ذهين ٻارن جي لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئن نوجوان نوڪري ڳولڻ لاءِ ڪاروبار ۽ انٽرپرينوريرشپ طرف متوجهه ٿين.
ماضي ۾ جاري ڪيل غربت گهٽايو پروگرام ۾ سمورو ڌيان روڪ ادائيگين طرف هيو ۽ ان مان به وڏي رقم حقيقي حقدارن تائين نه پهچندي هئي ان جو سڀ کان وڏو مثال بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آهي جنهن کي شفاف ترين پروگرام ڏنو ويندو رهيو آهي، پر موجوده حڪومت نادرا جي ڊيٽا مان ان جي جاچ ڪرائي ته ان کي 8 لک ماڻهن جو پتو پيو جيڪي ڪنهن به طور تي مستحق نه هئا ۽ انهن ۾ سرڪاري آفيسرن سميت وڏي تعداد ۾ سرڪاري ملازم ۽ انهن جا گهرڀاتي شامل هئا، جنهن کي ضرورتمندن جي فهرست مان ڪڍيو ويو، ان تجربي جي روشني ۾ احساس تحت ادائيگين ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وئي آهي ۽ نادرا جي ڊيٽا کان مڪمل اسڪرونٽي کانپوءِ ئي ماڻهن کي احساس پروگرام مان فائدي وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. احساس تحت هينئر تائين جاري پروگرامن ۾ احساس ڪيش ايمرجنسي ڪيش، احساس راشن پورٽل، احساس اسڪالرشپس، احساس پناهگاهه ۽ احساس لنگر، احساس ڪفالت، احساس بنا وياج جي قرض ۽ احساس آمدني ۽ اثاثا منتقلي پروگرام شامل آهن ۽ ان تي تحت کربين روپيا ادائيگيون ڪيون ويون آهن، جنهن سان ڪروڙين ماڻهو فائديمند ٿي رهيا آهن. احساس پروگرام جو بهترين مثال ڪورونا وبا کانپوءِ شروع ڪيل احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام آهي جنهن لاءِ درخواستن جي وصولي، ان جي جاچ ۽ عملي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ادائيگين جا سڀئي عمل ٽن مهينن جي مختصر وقت ۾ مڪمل ڪيا ويا ۽ 17 جولاءِ تائين هڪ ڪروڙ 29 لک 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 156 ارب 70 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي، ان جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن ته سنڌ صوبي ۾ 38 لک 94 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 45 ارب 95 ڪروڙ روپيا ورهايا ويا آهن، پنجاب صوبي ۾ 58 لک 31 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 70 ارب 56 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي. خيبرپختونخوا ۾ 22 لک 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 26 ارب 81 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي. بلوچستان ۾ 6 لک 44 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 7 ارب 83 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2 لک 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 2 ارب 58 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي، گلگت بلتستان ۾ 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ هڪ ارب 14 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي ۽ اسلام آباد ۾ 66 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ 80 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي. ورهايل رقم ۾ 1.26 ارب روپيا ڪفالت بقايائن جون ادائيگيون به شامل آهن.
جڏهن ته احساس راشن پورٽل تي هن وقت تائين 738869 ماڻهن راشن جي امداد لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي چڪا آهن ۽ ضرورتمند ماڻهن ۾ راشن جي ورهاست جو آغاز ٿي چڪو آهي.
احساس اسڪالرشپ تحت گهٽ آمدني وارن طبقي سان تعلق رکندڙ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ساليانو 50 هزار انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ تعليمي وظيفا جاري ڪيا ويا آهن چئن سالن ۾ اهو تعداد ٻن لکن تائين پهچي ويندو ۽ ان ۾50 سيڪڙو ڪوٽا شاگردياڻين لاءِ مختص آهي. اندر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام اعليٰ تعليم تائين پهچ کي سگهه ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو قدم آهي جنهن تحت حڪومت ان ڳالهه جي خواهشمند آهي ته ڪو شاگرد مالي خرچن سبب تعليم کان محروم نه رهي. ان ۾ ٽيوشن فيس ۽ وظيفا ٻئي شامل آهن. شاگردياڻين جي لاءِ 50 سيڪڙو وطيفا مختص آهن.
ملڪ جي وڏن شهرن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو غربت سبب روڊن جي ڪناري، فوٽ پاٿن، پارڪس ۽ کلي جاين تي سمهڻ تي مجبور آهن، وزيراعظم عمران خان ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ پناهگاهن جي قيام جو تصور پيش ڪيو ۽ ان کي عملي جامو پارائيندي اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، ملتان ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ پناهگاهون قائم ڪيون آهن. بعد ۾ ان پروگرام کي اڳتي وڌائيندي انهن پناهگاهن سان گڏ ۽ ٻين جاين خاص طور تي وڏين اسپتالن سان گڏ لنگر خانا قائم ڪيا ويا آهن، هينئر تائين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد ۾ لنگر خانا کوليا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان ”احساس سيلاني لنگر“ جو افتتاح اسلام آباد ۾ 7 آڪٽوبر 2019ع تي ڪيو ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ پهرين مرحلي ۾ 112 لنگر خانا کوليا ويندا، اهي لنگر خانا انهن علائقن ۾ کوليا ويندا جتي پورهيت، بيروزگاري ۽ بک جو شڪار آهن.
احساس ڪفالت پروگرام 31 جنوري 2020ع تي جاري ڪيو ويو آهي، ان پروگرام تحت هن وقت تائين 4576463 ضروتمند عورتون فائدو کڻي چڪيون آهن، ان پروگرام تحت 70 لک عورتن کي ڪفالت ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، حڪومت چاهي ٿي ته 200 ارب روپيا سڌو سنئون ضرورتمندن تائين پهچي سگهن. ان حوالي سان ڊاڪٽر ثانيه نشتر جو چوڻ هو ته بي آءِ ايس پي جا انگ اکر 10 سالا پراڻا آهن موجوده حڪومت باقاعده سروي ۽ نادرا ڊيٽا بئنڪ مان ضرورتمند جي چونڊ ڪئي آهي، احساس ڪفالت پروگرام جي لاءِ ٻن بئنڪن سان معاهدا ڪيا ويا آهن، احساس ڪفالت پروگرام سئو سيڪڙو بايوميٽرڪ آهي، ضرورتمند عورتن جي بئنڪن تائين پهچ جي عمل کي آسان بڻايو ويو آهي.
نيشنل پاورٽي گريجوئيشن اينيشي ايٽو جو جامع ملڪ گير پروگرام هڪ وقت سئو کان وڌيڪ ضلعن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، ان پروگرام تحت وياج کان پاڪ قرض، پيشيوراڻي ۽ فني تربيت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، نيشنل پاورٽي گريجوئيشن اينيشي ايٽو جو ڪاٿو 42 ارب 65 ڪروڙ روپيا لڳايو ويو آهي ان جو مقصد انتهائي پوئتي پيل طبقي جي گهرن کي غربت جي ڌٻڻ کان ٻاهر ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ آهي. پروگرام جا ٽي حصا آهن، جن ۾ اثاثن جي ورهاست، بغير ويا جي قرضن جي فراهمي ۽ اثاثن جي موثر استعمال جي لاءِ هنرسازي شامل آهي. ان پروگرام جو بنيادي مقصد محروم طبقن جي گهرن کان زڪوات، بيت المال ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي ڀاڙڻ ختم ڪري انهن کي معاشي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ خودمختيار بڻائڻ آهي. ان پروگرام ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ زرعي ترقياتي بابت بين الاقوامي فنڊ جي مدد حاصل ڪئي وئي آهي، ان ۾ 40 سهڪاري ادارن جي مدد حاصل آهي، ان ۾ اخوت ۽ رورل سپورٽ پروگرام به شامل آهن. پروگرام سان سئو ضلعن ۾ 16.28 ملين ماڻهو فائديمند ٿيندا جن ۾ 50 سيڪڙو عورتون به شامل آهن. 25 هزار غريب ماڻهو اثاثن جي ورهاست پروگرام ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ انهن کي ڪامياب پروگرام هلائڻ لاءِ فني ۽ ڪاروباري تربيت به فراهم ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ هو بنا وياج جي قرض به حاصل ڪري سگهن ٿا. اثاثن سان 1.45 ملين ماڻهو فائديمند ٿيندا، بنا وياج جي قرضن جي فراهمي ان پروگرام جو اهم حصو آهي جنهن تحت 20 هزار کان 75 هزار روپين تائين جا 80 هزار قرض ماهوار فراهم ڪرڻ جو ٽارگيٽ آهي، چئن سالن ۾ مجموعي طور تي 3.8 ملين بنا وياج جي قرض ورهايا ويندا. احساس آمدني پروگرام 21 فيبروري 2020ع تي جاري ٿيو هو ان پروگرام تحت هن وقت تائين 25054 خاندانن کي 1.5 ارب روپين جي ماليت جا ننڍا ڪاروباري اثاثا فراهم ڪيا ويا آهن.
احساس پروگرام تحت وزيراعظم 10 مارچ 2020ع تي احساس ضلعي پورٽل ڊيٽا فار پاڪستان جاري ڪيو، ان پورٽل جي جوڙجڪ حڪومت جي حقيقتن تي ٻڌل وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ادارن جي فيصلاسازي جي عمل ۾ اهم قدم آهي.