APP73-07 ISLAMABAD: February 07 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding promotion of Information Technology. APP

انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، آءِ ٽي شعبي جي فروغ سان لکي نوجوانن کي نوڪرين جا موقعا ملندا، آءِ ٽي شعبي جي فروغ لاءِ تفصيلي روڊ ميپ هڪ هفتي ۾ جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو.