جهنگ – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت توانائي جي بحران جي خاتمي ۽ عوام کي اونداهين مان ڪڍڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، شفافيت سان ٺاهيل منصوبا ملڪي تعمير ۽ ترقي سميت سي پيڪ تي انتهائي مثبت اثر ڇڏيندا. تريمو بيراج جهنگ ويجهو 1263 ميگاواٽ جي ايل اين جي ڪمبائن سائيڪل پنجاب پاور پلانٽ حويلي بهادر شاهه جهنگ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته کيس تمام گهڻي خوشي آهي جو گئس سان هلندڙ چوٿين پنجاب پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي جنهن جو پهريون مرحلو 14 مهينن ۾ مڪمل ٿي 810 ميگاواٽ بجلي ڏيندو جڏهن ته 26 مهينن ۾ ڪل 1263 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي ويندي.