APP26-19 ISLAMABAD: November 19 - Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing the participants of ceremony on ''Reviving Commitments on Child Rights'' organized by National Parliamentary Task Force on Sustainable Development Goals. APP

اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٻار قوم جو مستقبل ۽ پاڪستان جا وارث آهن، ٻار ئي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا، ٻارن جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي بهترين تعليمي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، اسلام ٻارن جي حقن جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي، مسلمان جي حيثيت سان ٻارن جي حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، مديني جي رياست ۾ اڄ کان 1440 سال اڳ ٻارن کي سماجي ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز پيپس اسلام آباد ۾ ٻارن جي حقن جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.