APP35-12 ISTANBUL: October 12 - Speaker National Assembly Asad Qaiser shaking hand with President of Turkey Recep Tayyip Erdogan on the occasion of 3rd conference of Speaker of Parliaments. APP

اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ترڪيءَ ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پنهنجي حمايت جاري رکندو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ مسلمان امت ۽ ڪشميري عوام جي صحيح معنيٰ ۾ ترجماني ڪئي آهي. اهي ڳالهيون هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڳالهائيندي ڪيون جنهن استنبول ۾ خطي جي ملڪن جي ٽئين اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي.