APP55-10 ISLAMABAD: October 10 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan addressing National Media Conference 2019. APP

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بدلجندڙ پاڪستان ۾ ڪو به مقدس ڳئون نه آهي، قانون بالادست ۽ ماڻهو ادارن جي تابع آهن، بدعنواني، قومي سلامتي کي داغدار ڪرڻ يا ملڪ جي ساک کي خراب ڪندڙن جي خلاف زيرو ٽالرنس آهي، سياست ۽ حڪومت بعد ۾ آهي ”پاڪستان پهرين“ اولين ترجيح آهي. هو نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لنئگويجز (نمل) ۾ 21 هين صدي ۾ ميڊيا هڪ نرم طاقت“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس 2019ع کي خطاب ڪري رهي هئي.