اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم جي شاندار مستقبل جي معمار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، استاد علم جو ڏيئو ٻارڻ ۽ نوجوان نسل جي اعليٰ ڪردار جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، استادن جي قدر کي يقيني بڻائڻ نئين پاڪستان جي ترجيحن ۾ شال آهي. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انهن سمورين عظيم هستين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي قوم جي شاندار مستقبل جا معمار چورائين ٿا.