APP21-04 ISLAMABAD: October 04 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding Pakistan Steel Mills at PM House. APP

اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان اداري کي نظر انداز ڪيو ويو جنهن جي ڪري اهو ادارو قومي خزاني تي بار بڻجي ويو، اهو گذريل حڪومتن جو قوم سان ناانصافي جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي.