APP69-30 MIRPUR: September 30 - Prime Minister Imran Khan inquiring about the health of the injured of the recent earthquake during visit to Mirpur, AJ & K. APP

ميرپور – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سندس حڪومت آزاد ڪشمير ۾ زلزلي متاثرين جي بحالي لاءِ پيڪيج تيار ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ فوري ۽ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي زلزلي متاثر علائقي ميرپور جو دورو ڪيو ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو، کيس متاثر علائقي ۾ ٿيندڙ ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي طرفان زلزلي متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.