APP81-24 NEW YORK: September 24 - Prime Minister Imran Khan meeting with Prime Minister of New Zealand Rt. Hon. Jacinda Ardern on the sidelines of UNGA 74th Session. APP

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊن سان ملاقات ڪئي. ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم کي ڪشميرين جي خراب حالت ۽ رتوڇاڻ جي خطري کان آگاهه ڪيو.