APP28-17 LAHORE: September 17 - Foreign Minister Makhdoom Shah Mehmood Qureshi addressing at All Parties Kashmir Conference organized by Pakistan Tehreek-e- Insaaf Punjab. APP Photo by Zahid Chaudhary

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ غلام نبي آزاد کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪرفيو سٽيل علائقن جي دوري جي اجازت جي حوالي سان ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو خوش آئنده آهي، فيصلي سان پاڪستان جي موقف جي توثيق ٿي وئي آهي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيندڙ پرڏيهي معاملن بابت مشاورتي ڪائونسل جي نائين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.