APP56-02 LAHORE: September 02 - Prime Minister Imran Khan addressing at the International Sikh Convention on 550th Janam Din celebrations of Baba Guru Nanak at Governor House. APP Photo by Mustafa Lashari

لاهور – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن به طرف کان اڳرائي نه ڪندو، ڪشمير جي صورتحال کي ڪا به انسانيت برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اهو ڪنهن ٻئي مذهب جي مڃيندڙن سان ٿيندو هجي ها تڏهن به آواز بلند ڪريان ها. انٽرنيشنل سک ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سکن کي خاطري ڪرايان ٿو ته انهن کي ملٽي پل ويز ڏياريا ويندا