APP108-30 ISLAMABAD: August 30 – Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on new policy regarding Renewable Energy at PM Office. APP

اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قابل تجديد توانائي جي شعبي کي ملڪ ۾ بهتر صلاحيت جي باوجود ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ان سان نه رڳو مهانگي بجلي پيدا ٿي رهي آهي پر ماحول به آلوده ٿي رهيو آهي جڏهن ته وزيراعظم کي نئين قابل تجديد توانائي پاليسي جي مسودي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جو حصو 6 سيڪڙو آهي، نئين پاليسي تحت 2025ع ۾ اهو حصو 20 سيڪڙو تائين ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه قابل تجديد توانائي جي حوالي سان جوڙيل پاليسي تي اعليٰ سطحي بريفنگ اجلاس دوران ڪئي.