APP35-06 ISLAMABAD: August 06 - President Dr. Arif Alvi being presented a memento by President of Gujrat Chamber of Commerce & Industry (GtCC&I) Amer Noaman at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان کي هڪ جديد صنعتي رياست بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن اها ڳالهه گجرات چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.