APP82-05 ISLAMABAD: August 05 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding one year performance of Ministry of Information & Broadcasting at PM Office. APP

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي هدايت جاري ڪئي آهي ته سموريون وفاقي وزارتون پنهنجي پنهنجي هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ اطلاعات واري وزارت کي فراهم ڪن ته جيئن عوام کي پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪارڪردگي کان آگاهي ملي. هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.