APP41-04 ISLAMABAD: August 04 – Prime Minister Imran Khan chairs meeting of National Security Committee. APP

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت جي جارحاڻن قدمن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو جيڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق ۽ انصاف جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڄمون ۽ ڪشمير پراڻو حل طلب عالمي تڪرار آهي جيڪو پرامن حل جو گهرجائو آهي، پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به مهم جوئي ۽ جارحيت جي خلاف پنهنجي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي، قوم جي مڪمل حمايت سان ڀارت جي ڪنهن به جارحيت ۽ مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو.