APP42-02 ISLAMABAD: August 02 - Chairman Senate Muhammad Sadiq Sanjrani called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي ايوان جو اعتماد حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو سينيٽ جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميداريون پهرين وانگر بهتر طريقي سان ادا ڪندو رهندو. هن اها ڳالهه سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.