اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سينيٽ جي سوڀ جمهوريت کي روبوٽ وانگر هلائيندڙن جي سياست دفن ڪري ڇڏي، مخالف ڌر پهرين پنهنجي صفن ۾ جمهوريت کي فروغ ڏي، معزز سينيٽرن کي ڌمڪيون ڏيڻ انتهائي قابل مذمت آهي، پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏيڻ ئي اصل جمهوريت آهي، ڇانگامانگا گروپ آف انڊسٽريز هلائيندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندڙن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن.