APP31-21 SIALKOT: July 21 - Special Assistant to PM on Information and Broadcasting Dr Firdous Ashiq Awan addresses press conference. APP photo by Muhammad Munir Butt

سيالڪوٽ – 21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستاني عوام جنهن جرئت ۽ بهادري سان دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي ان سان پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جا حوصلا بلند ٿيا آهن، بزدل دهشتگرد عنصرن قانون ۽ ادارن کي چئلينج ڪيو آهي جنهن جي ڪري ڊيره اسماعيل خان ۾ 10 ماڻهو شهيد ٿيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.