ڪراچي – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زراعت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ملڪ ۾ زرعي انقلاب آڻڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻي ماهگيري صنعت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه ايگرو، فوڊ، ماهيگيري، دوائن جي شعبن سان تعلق رکندڙ وفدن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.