APP09-09 ISLAMABAD: July 09 - President Dr. Arif Alvi talking to Ambassador-designate of Pakistan to Japan Imtiaz Ahmed who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو ويجهو دوست ملڪ ۽ اهم اقتصادي حصيدار آهي، پاڪستان پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ جاپاني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امتياز احمد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.