APP21-30 ISLAMABAD: June 30 - Advisor to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs Abdul Hafeez Sheikh, Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan, Minister of State for Revenue Muhammad Hammad Azhar and Chairman Federal Board of Revenue Syed Mohammad Shabbar Zaidi addressing a joint press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمورن ادارن گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته دفاعي بجيٽ ۾ اضافو نه ڪيو ويندو ۽ سول ادارن جي خرچن ۾ 50 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي ويندي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، 29 سئو ارب رپيا قرضن تي وياج جي مد ۾ ادا ڪرڻا آهن. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا ان موقعي تي ناڻي وارو انچارج وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي پڻ موجود هئا.