APP47-19 ISLAMABAD: June 19 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ادارن جي بالادستي، آئين جي حڪمراني ۽ ادارن کي بااختيار بڻائڻ جو خواب پورو ٿيندو، مخالف ڌر عمران خان کي پنهنجي مشن کان پٺتي نه ٿي هٽائي سگهي، گدڙ ڀڀڪيون ڏيندڙ بجيٽ جو ڪجهه نه ٿا بگاڙي سگهن، بجيٽ نه رڪجندي، ان کي عوامي نمائندا پاس ڪندا، پراميد آهيان ته مخالف ڌر عوام سان پنهنجو ڳانڍاپو نه ٽوڙيندي، غنڊه گردي سان نه پر آئيني ۽ پارلياماني طريقي خان مخالف ڌر ترميمون آڻي حڪومت انهن کي منظور ڪرائيندي. هو پي آءِ ڊي ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.