اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن، مزدورن سميت گهرن ۾ ڪم ڪندڙ گهريلو ملازمن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اڄ مزدور ڏهاڙي جي موقعي تي پي ٽي آءِ حڪومت جي احساس پروگرام تحت ”مزدور جو احساس“ پروگرام جي باقاعده شروعات ڪئي ويندي. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ مزدورن جي ڀلائي جي ڏس ۾ حڪومتي قدمن جي حوالي سان ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.