APP49-19 ISLAMABAD: April 19 - President Dr. Arif Alvi being briefed by Prime Minister’s Task Force on IT and Telecom. APP

اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تحقيق جي سخت ضروري آهي، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي صلاحيت ۽ اهميت کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ان کي قومي ترجيح بڻايو ويو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت ٽاسڪ فورس طرفان ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران چئي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي به ان موقعي تي موجود هو.