
ڪوئيٽا – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هزاره ٽائون امام بارگاهه ۾ هزار گنجي سانحي جي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. انساني جانين جو ڪوبه نعم البدل نه آهي.