APP67-30 LAHORE: March 30 - Prime Minister Imran Khan addressing during inaugural ceremony of Jinnah Express (Non-stop luxurious train between Lahore and Karachi, covering the distance in fifteen hours) at Railway Station. APP Photo by Mustafa Lashari

لاهور – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ريلوي کي بهتر ڪرڻو پوندو، مزدورن جون پگهارون وڌائڻ جي حق ۾ آهيان، جمهوري وزيراعظم آهيان سوچي سمجهي مالي بجيٽ موجب فيصلا ڪندو آهيان، اڳوڻن وزيراعظمن وانگر بادشاهه بڻجي پئسا نه ٿو ورهائي سگهان، ريلوي نظام جي بهتري لاءِ چين کان مدد وٺنداسين. لاهور ۾ جناح ايڪسپريس (لاهور – ڪراچي – لاهور) ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ ريل عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو ۽ اسان کي رستن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، عوام جي سهولت ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ريلوي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو.