APP30-29 LAHORE: March 29 - Federal Minister for Finance, Asad Umar chairing 5th meeting of NFC. APP

لاهور – 29 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته نائين اين ايف سي ايوارڊ جو عمل هلندڙ سال 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي، ايندڙ وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٽيڪس جي حوالي سان رابطي ۾ بهتري آندي ويندي. هو سول سيڪريٽريٽ لاهور ۾ نائين اين ايف سي ايوارڊ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.